جواهر لال گنگاراماڻي

جواهر لال گنگاراماڻي

جواهر لال گنگاراماڻي

جواهر لال گنگاراماڻي: جواهر لال گنگاراماڻيءَ هندستان جي هڪ وچولي طبقي جي سنڌي گهراڻي ۾ 1949ع ڌاري جنم ورتو. سندس ڏاڏي جواهر لال نهروءَ کان متاثر ٿي سندس نالو به جواهر لال رکيو. جواهر جو والد بئنڪر ۽ ماءُ هڪ گهريلو عورت آهي. جواهر لال 1971ع ۾ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ متحده عرب امارتن جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر طور ڀرتي ٿيو. جتي سندس پگهار 4 هزار درهم مقرر ڪئي وئي، هو جنهن ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو، ان کي دبئيءَ جو ’ورلڊ ٽريڊ سينٽر‘ ٺاهڻ جو ٺيڪو مليو ته هي به ان منصوبي ۾ شامل ٿي ويو. کيس خبر هئي ته ايتري وڏي عمارت جي شٽرنگ ڪيئن ٿيندي. ان کانپوءِ هن پٺي ورائي نه ڏٺو. هڪ منصوبي پويان ٻيو منصوبو سندس پويان هو ۽ ڪجهه سالن اندر هو هڪ مزدور مان مالڪ بڻجي ويو. دبئي ۽ العين جهڙن وڏن شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ وارو گنگاراماڻي 1980ع ۾ پنهنجي تعميراتي اداري ’الفارا‘ جو بنياد وڌو. پنهنجي ذهانت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هو نه رڳو گڏيل عرب امارات جي واپاري طبقي، پر حڪمران گهراڻي ۾ به مقبول ٿي ويو ۽ ڪجهه سالن اندر هو ڪٽنب سميت ’العين‘ لڏي ويو. دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تعمير کان پوءِ هن کي ’العين‘ فلاءِ اوور جو پراجيڪٽ انجنيئر مقرر ڪيو ويو. هن جي ڪمپني ٿوري ئي عرصي ۾ وڏن وڏن تعميراتي ادارن ۾ شامل ٿي وئي ۽ ٿوري نفعي ۽ اعليٰ ڪم جي ڪري کيس گڏيل عرب امارات جي بادشاهه شيخ زيد بن سلطان النهيان جي محل جي تعمير جو ڪم به مليو. اهو محل دنيا جي خوبصورت ترين عمارتن مان هڪ آهي ۽ ان جي تعمير کان الفارا ڪمپني U.A.E جي بادشاهه گهراڻي جي پسنديده ڪمپني بنجي وئي ۽ شاهي گهراڻي جو تعميراتي ڪم گنگاراماڻيءَ کي ملڻ شروع ٿي ويو، هو هن وقت شاهي گهراڻي جو ’ذاتي دوست‘ ليکيو ويندو آهي. دبئي، العين توڙي گڏيل عرب امارات جي ٻين شهرن ۾ ٺهيل اڪثر گهڻ ماڙ عمارتون گنگاراماڻيءَ جون تعمير ڪرايل آهن، هن لاءِ گڏيل عرب امارات ۾ مشهور آهي ته اتان جي هر ٻي گهٽيءَ ۾ جيڪا ڊگهي ۽ سهڻي عمارت نظر اچي ته پڪ سمجهو ته اها الفارا جي تيار ڪيل هوندي. هن وقت سندس ڪمپني ۾ 18 هزار ملازم ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا ۽ ڪمپنيءَ جو ساليانو واپار 305 ملين درهم برابر آهي. جڏهن ته سندس ظاهر ملڪيت 13 ارب ڊالر آهي.
گنگاراماڻيءَ جو شمار گڏيل عرب امارات جي وڏن سخي مردن ۾ ٿئي ٿو، هو انتهائي سخي ۽ رحمدل انسان آهي. هن جا ڪيترا فلاحي ادارا تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ غريب ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن.
هو انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ادارا قائم ڪري چڪو آهي. الفارا گروپ هن وقت تائين 1800 تعميراتي منصوبا مڪمل ڪري چڪو آهي. جنهن ۾ اسپتالون، گهر، گهڻ ماڙ عمارتون، شاپنگ سينٽر، سئنما هال ۽ ٻيون عمارتون شامل آهن.
جواهر لال گنگاراماڻيءَ 1979ع ۾ العين جي هڪ سنڌي گهراڻي جي ناري اوشا سان شادي ڪئي. سندس گهر واري هڪ مصوره آهي. جواهر لال کي عالمي سطح تي وڏا اعزاز ملي چڪا آهن، پر سال 2011ع ۾ هندستان سرڪار پاران کيس ٻه وڏا اعزاز ڏنا ويا، (1) ’ڀارتيه سمان اوارڊ‘ ۽ (2) هندستان جو سڀ کان وڏو سول اوارڊ ’پدماشري‘. هي اوارڊ کيس هندستان جي صدر پرتيڀا ديوي سنگهه پٽيل ڏنو. جواهر لال گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پنجون هندستاني آهي، جنهن کي اهو اعزاز مليو آهي.
هو هندستان ڄائو سنڌي آهي. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان بي پناهه محبت آهي. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ادارا عالمي سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي مالي مددگارن ۾ سڀ کان مٿانهون نالو جواهر لال گنگاراماڻيءَ جو آهي.
پاڻ هن وقت گڏيل عرب امارات ۾ رهائش پذير آهي، سندس نگرانيءَ ۾ ڪيترن منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو